ڊانبيءَ جو دڙو

ڊانبيءَ جو دڙو (ماڳ): هيءُ دڙو تعلقي وارهه، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ايف. پي بند جي اولهه طرف هڪ ميل جي پنڌ تي واقع آهي. دڙو 15 کان 20 فوٽ اوچو آهي. دڙي جي ڪل ايراضي پنجن ايڪڙن تي ڦهليل آهي. دڙي جي ڏکڻ ۾ بڊام ڍنڍ آهي. هي دڙو ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ڪتاب ۾ درج آهي. هن دڙي جي تحقيقاتي کوٽائي نه ٿي آهي، تنهنڪري دڙي متعلق ڪو به اندازو نٿو ڪري سگھجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو